بيجنگ -13 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي، ته آمريڪا کي يوڪرين جنگ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ ان جو ڌيان پنهنجن جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ تي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن گذريل هفتي بريفنگ دوران آمريڪي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر وليم برنز جي يوڪرين جي مدد ذريعي ايشيا ۾ چين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي ??ان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چ??و ته سندس رمارڪس مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا کي يوڪرين جي باري ۾ ڪو به فڪر ناهي، هو يوڪرين جي بحران مان فائدو حاصل ڪندي پنهنجي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چ??و ته يوڪرين جي جنگ ۾ شدت اچي سگهي ٿي ۽ اها ٻين ملڪن تائين ڦهلجي سگهي ٿي. ترجمان چ??و ته چين اميد ظاهر ڪري ٿو ته سموريون لاڳاپيل ڌريون سياسي عمل جو مظاهرو ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، فوري جنگ بندي، اثرائتي ?? پائيدار يورپي سيڪيورٽي فريم قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون.
آمريڪا يوڪرين جنگ سان پنهنجي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو: چين
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena