رياض -11 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت خادم حرمين شريفين جي پروگرام تحت حج لاءِ ايندڙ 9 م??ڪن جي وڌيڪ 145 شا??ي مهمانن جي آجيان ڪئي آهي. ميڊيا مطابق هن وقت تائين 75 ملڪن جا هڪ هزار 75 شا??ي مهمان سعودي عرب پهچي چڪا آهن. ياد رهي ته سڄي دنيا جي 88 ملڪن مان 3 هزار 322 حج پانڌيئڙا شا??ه سلمان بن عبدالعزيز جي خصوصي دعوت تي حج جو فرض ادا ڪندا. انهن ۾ ٻه هزار حج پانڌيئڙا فلسطين ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمي شهرين جي وارثن مان هوندا جڏهن ته 22 حج پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ ڌار ٿيل سيامي ٻارن جا والدين هوندا. اسلامي معاملن واري وزارت ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪندي آهي. سعودي اسلامي معاملن واري وزير ڊاڪٽ?? عبداللطيف آل الشيخ جي هدايت تي شا??ي مهمانن جي خدمت لاءِ قائم ڪميٽيون حج پانڌيئڙن جي آمد جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، رهائش، کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ کان علاوه ٻيون خدمتون فراهم ڪندا.
هڪ هزار شاهي مهمان حج لاءِ سعودي عرب پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس