قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي صدر الفتاح السيسي چيو آهي ته فل??طينين جي جب??ي بي دخلي جي فيصلي تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. برطانوي خابرو اداري رائيٽرز موجب مصر جي صدر چيو ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ فل??طينين کي اسرائيل جي رڻ پٽ نيگيو ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مصر جي صدر فل??طينين جي غزه مان جب??ي بي دخلي جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ته ان سان فسلطينين جي اولهندي ڪناري کان اردن طرف جب??ي بي دخلي جو مثال قائم ٿي ويندو. مصر جي صدر جيڪو پناهگيرن جي غزه مان مصر جي رڻ پٽ سينا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت جي مطالبي کي رد ڪري چڪو آهي چيو ته ان سان فل??طيني رياست جي قيام جو مقصد ختم ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته مان مصر جي عوام کي چوندس ته هو ٻاهر نڪري ۽ هن تجويز کي رد ڪرڻ جو اظهارڪن. مصر جي صدر چيو ته جيڪڏهن اسرائيل فل??طينين کي بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو فل??طينن جي هٿياربند گروپن طرفان پنهنجي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين فل??طيني پناهگيرن کي پنهنجي صحرا نيگيو ۾ موڪلي سگهي ٿو، جڏهن ته فل??طيني پناهگيرن کي مصر موڪلڻ خطرناڪ هوندو.
فسلطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي: مصر
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria