گڏيل قومون-07 جون (اي پي پي) چين وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو آهي. چائنا ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي ??ستقل نمائندي فوڪونگ يورپي يونين جي سياسي ۽ سلامتي ڪميٽي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير رسمي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن کي اهو وهم نه هجڻ گهرجي ته هو ميدان جنگ ۾ بالادستي حاصل ڪري ٻئي ڌر کي ڳالهين جي ??يز تي آڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. اهڙي سوچ ص??ف محاذ آرائي کي وڌيڪ وڌائي سگهي ??ي ۽ جنگ کي ڊيگهه ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ سمورن ملڪن جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ۽ متوازن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. هن هڪ متوازن، موثر ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريندي چيو ته دنيا کي اڄ وڏا چئلينج ۽ سلامتي جي سنگين صورتحال درپيش آهي. تڪرارن جي خاتمي، امن جي ب??الي ۽ مختلف خطرن کي موثر طريقي سان منهن لاء?? اسان کي تڪرارن جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ گهرجي، گڏيل طور تي امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ گهرجي.
چين پاران وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری