ڪينبرا- 15 جولاءِ (اي پي پي) برطانيه جو بادشاهه چارلس ٿري ۽ سندس گهرواري ملڪ?? ڪيملا آڪٽوبر ۾ آسٽريليا ج?? دورو ڪندا . ان ڳالهه جي تصديق سومر ڏينهن آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني الباني هڪ بيان ۾ ڪئي آهي . شهنوا مطابق هن چيو ته هو ۽ گورنر جنرل سيم موسٽين آڪٽوبر ۾ بادشاهه ?? ملڪه جي آسٽريليا ۾ آجيان ڪندا . الباني چيو ته برطانوي بادشاهه ?? ملڪه جي دوري جون تياريون جاري آهن . هن چيو ته هلندڙ سال جي آخر ۾ آسٽريليا جي پهرين شاهي دوري تي بادشاهه ?? ملڪه جو استقبال سندس لاءِ اعزاز هوندو. دوري جي اعلان جي موقعي تي آسٽريليا جي وفاقي حڪومت بادشاهه ?? ملڪه جو سرڪاري آسٽريلوي پورٽريٽ جاري ڪيو جنهن ۾ بادشاهه چارلس آرڊر آف آسٽريليا جو خودمختيار بيج ۽ ملڪ?? ڪيملا هڪ بروچ پاتو آهي جيڪو 1954ع ۾ ملڪه الزبٿ ٽو کي آسٽريليا جي پهرين دوري دوران تحفي ۾ ڏنو ويو هو . آسٽريليا جي دوري بعد ، بادشاهه ?? ملڪه ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا . 2011ع ۾ ملڪه الزبٿ ٽو جي ڪينبرا، برسبين، ميلبورن ۽ پرٿ جي دوري بعد اهو برطانوي بادشاهه جو پهريون آسٽريليا ج?? دورو هوندو . اي
برطانوي بادشاهه چارلس ٿري ۽ سندس گهرواري ملڪه ڪيملا آڪٽوبر ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندا
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina