گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل ڪالهه سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي مڪمل حمايت جي ت??دي?? ڪئي آهي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ سوئٽزرلينڊ جي مستق?? نمائندي ۽ آڪٽوبر لاءِ ??ائ??نسل جي صدر پاسڪل بيريسوائل چيو ته سلامتي ??ائ??نسل طرفان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش، سندس اھم ڪردار ۽ گڏيل قومن لاءِ وسيع پيماني تي پنھنجي مڪمل حمايت جو ورجاءَ ڪيو ويو. بيان ۾ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن کي گڏيل قومن جي سربراهه سان نتيجا ڏيندڙ ۽ اثرائتا ناتا رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آھي ۽ ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو آھي ته سندس ڪم ۽ سندس آفيس کي نقصان پھچائڻ واري ڪنھن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي. سلامتي ??ائ??نسل جي ميمبرن ان ڳالھه تي زور وڌيڪ ڀريو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يا گڏيل قومن سان ڳالھيون نه ڪرڻ جو ڪو به فيصلو، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ بلڪل غلط آھي. واضح رھي ته اسرائيل جي پرڏيھي وزير اسرائيل ڪاٽز اربع تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش کي اسرائيل ۾ اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيندي سندس ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي مڪمل حمايت جي تصديق
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا