باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آه?? ته عالمي سطح تي ماحولياتي تبديليون رڪارڊ انگ ۾ ماڻهن کي بي گهر ڪرري رهيون آه?? ۽ لڏپلاڻ جي پهرين ئي کان ڳڻتي مسئلي کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آه??. پرڏيهي نشرياتي اداري موجب آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس دوران گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي(يو اين ايڇ سي آر) ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آه?? ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ ۽ انتهائي موسمي صورتحال لڏپلاڻ جي انگ ۽ ٻين حالتن ک?? سنگين نموني متاثر ڪري رهي آه??. ادارن انهن خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ۽ بهتر سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو آه??. يو اين ايڇ سي آر تازي رپورٽ ۾ ٻُڌايو ته ڪهڙي طرح سوڊان، صوماليه ۽ ميانمر جهڙين جاين تي موسمياتي صورتحال تڪرارن سان گڏجي پهري?? کان خطري ۾ گهيريل ماڻهن کي وڌيڪ سنگين حالتن ۾ ڌڪي رهي آه??. يو اين ايڇ سي آر جي سربراهه فلپو گرانڊي چيو آه?? ته سوڪهڙي، ٻوڏ، سخت گرمي ۽ ٻيا انتهائي موسمي واقعا خطرناڪ انگن سان هنگامي صورتحال پيدا ڪري رهيا آه??. هن چيو ته پنهنجن گهر?? کان لڏپلاڻ تي مجبور ماڻهو ان بحران سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آه??. هن انگن اکرن جي حوالي سان ٻُڌايو ته بي گهر ٿيل 75 سيڪڙو ماڻهو اهڙن ملڪن ۾ رهن ٿا جتي آبهوا بابت خطرن کي مُنهن ڏئي رهيا آه??. جيئن جيئن ماحولياتي تبديلين جي رفتار ۾ واڌ ٿيندي اهو انگ وڌندو ويندو. يو اين ايڇ سي آر جي جون جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته رڪارڊ 120 ملين ماڻهو پهرين ئي جنگ، تشدد ۽ ظلم سبب بي گهر ٿي زندگي گذارڻ تي مجبور آه??. يو اين ايڇ سي آر جي موسمياتي ڪارراوئي جي خاص مشير اينڊريو هارپر ٻُڌايو ته عالمي سطح تي تڪرارن سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جو انگ گذريل 10 سالن ۾ ٻيڻو ٿي ويو آه??. يو اين ايڇ سي آر لڏپلاڻ جي نگراني جي مرڪز جي تازن انگن اکرن جي حوالي سان ٻُڌايو ته موسمياتي آفتن نه صرف گذريل ڏهاڪن دوران انهن ملڪن اندر تقريبن 220 ملين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آه?? جيڪي تقريبن 60 هزار روزانو بي گهر ٿيڻ جي برابر آه??. هن لڏپلاڻ ڪندڙ ۽ انهن جي ميزباني ڪندڙ برادري جي مدد لاءِ گهربل فنڊز جي سخت کوٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان آبهوا ۾ تبديلي واري حالت جو شڪار ملڪن نائيجريا، برڪينافاسو، سوڊان، افغانستان ۾ پوکي جوڳي ايراضي جي وڌندڙ نقصان کي ڏسي رهيا آه??ون پر ان سان گڏوگڏ آباديءَ ۾ وڏي پيماني تي واڌ به ٿي آه??. يو اين ايڇ سي آر چيو ته اها صورتحال وڌيڪ بدتر ٿيڻ جي طرف گامزن آه??. گڏيل قومن جي تنظيم موجب دنيا ۾ اهڙن ملڪن جو انگ انتهائي موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏئي رهيو آه??، 2040ع تائين 3 مان وڌي 65 ٿي ويندو. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آه?? ته 2050ع تائين وڌيڪ پناهگيرن جي وسندين ۽ ڪيمپن کي اڄ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي خطرناڪ گرمي کي مُنهن ڏيڻو پوندو. يو اين ايڇ سي آر اجلاس ۾ فيصلن تي زور ڀريو آه?? ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي مُنهن لاءِ وڌ کان وڌ عالمي مالي امداد پناهگيرن ۽ ميزبان برادرين تائين پهچي، جنهن جي کين سخت ضرورت آه??.
ماحولياتي تبديليون عالمي سطح تي لڏپلاڻ ۾ واڌ ڪري رهيون آهن: يو اين ايڇ سي آر
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2