اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم مح??د نواز شريف سدائين سهپ، صبر ۽ تح??ل جي سياست ڪئي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏنو آهي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سياسي ڪلچر ۾ سهپ هجي. پارليامينٽ هائوس جي ميڊيا گيلري ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) ۽ سينيئر صح??فين سان ڳالهائي رهي هئي. مريم اورنگزيب پارليامينٽ هائوس ۾ قائم پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس جو پڻ دورو ڪيو. پي آر اي جي صدر صديق ساجد کانسواءِ ٻين عهديدارن ۽ سينيئر صح??فين جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب صح??فين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون وزيراعظم جي ٿورائتي آهيان جنهن منهنجي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو عهدو ڏنو آهي.
وزيراعظم سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن