اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جرنلسٽ سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي بل جي مسودي تي سمورين ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آ??ي، پي ايف يو جي علائقائي صحافتي تنظيمن سان مسودي بابت راين ۽ تجويزن تي ٻڌل ڊرافٽ 30 اپريل تائين اطلاعات واري وز??رت ڏانهن موڪليندي ته جيئن بل جي مسودي کي حتمي شڪل ڏئي قانونسازي جو عمل شروع ڪيو وڃي، اطلاعات واري وز??رت صحافين جي سمورن مسئلن کان آگاهه آ??ي، ويج ايوارڊ قانون تي صحافين جي مشاورت سان موثر عملدرآمد جي لاءِ اطلاعات واري وز??رت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هو نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ جرنلسٽ سيڪيورٽي اينڊ سيفٽي بل جي مسودي تي بحث کي خطاب ڪري رهي هئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا