اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وزيراعظم ۽ سندس خاندان کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته عمران خان سپريم ڪور?? آڏو تسليم ڪيو ته وٽس لنڊن فليٽن جي وڪري کان اڳ جي پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پوري ڪوشش جي ب??وج??د هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏ??ن ته ان جي ب??وج??د عمران خان چاهي ٿو ته سپريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذمه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ طرف ته عمران خان چاهي ٿو ته وزيراعظم ۽ سندس خاندان کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏ??ن ته ٻئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری