اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته آمريڪي هم منصب مائيڪل پومپيو سان ملاقات خوشگوار رهي، پاڪستان جو موقف خودداري ۽ ذم??واري سان پيش ڪيو، آمريڪا پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي پاليسي جو نئين سر جائزو ورتو آهي ۽ اسلام آباد کان ڊومور جو ڪو وڌيڪ مطالبو نه ڪيو. پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪ??دي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن ۾ اڳڀرائي تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي ??يو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران اسان پاڪستان جو حقيقت پسنداڻو موقف ذم??واري ۽ خودداري سان پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ