اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ اس??قامت اختيار ڪرڻ ۾ اس??ن کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اس??ن ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نا??ڪ صورتحال مان گذري رهي ??هي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئي ??هي. منهنجي پاڪستاني قوم کي اها درخواست آهي ته قرباني جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قرباني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. منهنجي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اس??ن کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری