اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي کي تسلي ??خش قرار ڏيندي چيو آهي ته منصوبي جي طئي ٿيل هدفن کي مقرر وقت ۾ پورو ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تحفظ جي سمورين قانوني گهرجن کي پورو ڪندي ان ۾ ڪنهن به ??سم جي رعايت نه ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي ??يدر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش