اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپا??، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب جي ترقي ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو ڪ??دا?? واکاڻ جوڳو آهي، ڪووڊ بابت سفري پابندين جي ڪري سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي وقت واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود وزيراع??م عمران خان سان هتي ملاقات ڪئي، وزيراعظم سندس والهاڻو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراع??م عمران خان ان مو??عي تي خامين الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراع??م عمران خان ان مو??عي تي مئي 2021ع جي پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن جي لاءِ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ وزيراعظم ان جي مختلف رخن تي روشني وجهندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نيون راهون ڳوليون وڃن. وزيراعظم خصوصيت سان زور ڏنو ته معاشي رخ کي سگهه ڏيڻ ۽ واپا??، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪنه قدم کنيا وڃن، وزيراع??م عمران خان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي فعاليت جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ تزويراتي رخ جي تعين لاءِ اعليٰ سطح جو اهم پليٽ فارم آهي. وزيراعظم سعودي عرب جي خوشحالي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪ??دا?? کي ساراهيو. هن چيو ته عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن سان ٻه طرفي لاڳاپن کي ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراع??م عمران خان ڪورونا بابت سفري پابندين جي حوالي سان پاڪستاني شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي انهن جي واپسي لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن، هن سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڪووڊ ويڪسين جي فراهمي تي ٿورو ادا ڪيو. ان مو??عي تي ٻنهي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سمورين ترين کي سياسي حل لاءِ تعميري ۽ بامق??د ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان مو??عي تي سعودي وفد والهاڻو استقبال ڪرڻ تي وزيراع??م عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. پرنس فيصل چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا رکندڙ آهي. اهي لاڳاپا اخوت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. هن وزيراع??م عمران خان ۽ سعودي ولي عهد جي اسٽريٽجڪ حڪمن جي روشني ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪٻئي سان ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ويجها ڀائراڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. سعودي عرب اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جو ميمبر آهي ۽ هو ڪشمير ڪاز جو حامي آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔