نيويارڪ-30 ??وم??ر (اي پي پي) آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلي جي مذمت ڪئي آهي. چين جي خابرو اداري موجب هي گڏيل مذمت ستين اي يو – يو اين سالياني ڪانفرنس کانپوءِ جاري پڌرائي ۾ ڪئي وئي جيڪا گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل ان??ون??وگوتريس ۽ آفريقن يونين (اي يو) ڪميشن جي چيئرپرسن موسي ف??ڪي مهمت ??ي سربراهي ۾ نيويارڪ ۾ منعقد ٿي هئي. گڏيل پڌرائي ۾ آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلين جي مذمت ڪئي وئي ۽ برڪينا فاسو، گبون، جمهوريه گني، مالي نائجر ۽ سوڊان ۾ آئيني حڪمن جي وقت سر ۽ پرامن بحالي تي زور ڀريو ويو. ڪانفرنس ۾ آفريقا کنڊ ۾ امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي مقصدن جي حمايت لاءِ تڪرارن جي اثرائ??ي روڪٿام، امن قائم ڪرڻ، امن آپريشنز ۽ پائيدار ترقي جي ڪوششن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل ان??ون??وگوتريس ۽ آفريقي يونين ڪميشن جي چيئرپرسن موسي ف??ڪي مهمت چيو ته جهيڙيندڙ ڌرين لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڊگهي مدي واري جنگ بندي ڪن ۽ تڪرارن جي حل جو ڳالهين ذريعي رستو ڳولين.
آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن پاران آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي غير آئيني تبديلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال