رياض-19 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل پاران گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي ??ڪم?? ميمبر شپ کي تسليم ڪرڻ واري ٺهراءَ جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي ??ڪم?? ميمبر شپ قبول ڪرڻ ۾ رڪاوٽون اسرائي??ي قابض رياست جي مداخلت ۽ ان جي پاران عالمي قانون جي لڳاتار ??لا?? ورزين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون. پرڏيهي وزارت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهرين تي قابض اسرائيلي حملن کي روڪڻ، فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق جي حمايت ۽ 1967 جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام ج?? ذميواري قبول ڪري،عرب امن فارمولي کي اڳيان وڌائي ۽ گادي واري شهر اوڀر بيت المقدس تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام کي تسليم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، واضع رهي ته خميس تي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا الجزائر پاران فلسطين کي گڏيل قومن جي ??ڪم?? ميمبر شپ ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ ??لا?? پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو،سلامتي ڪونسل جي 12 ميمبرن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا ان ٺهراءَ کي ويٽو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ميمبر شپ جي ٺهراءَ جي ناڪامي افسوس جوڳي آهي:سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : loteria estadual