گڏيل ق??مون-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير تي ڀارتي ق??ضي کي ڪالونائيزيشن جو بدترين مظهر قرار ڏيندي ڪشميري عوام جي امنگن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي. گڏيل ق??من ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي جي خاص سياسي ۽ ڊي ڪالونائيزيشن (فورٿ) ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته گڏيل ق??مون ۽ ان جا سمورا ميمبر ملڪ گڏيل ق??من جي چارٽر جا پابند آهن ته هو گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل کي هٿي ڏي??. ه?? چيو ته 1946ع کان هن وقت تائين 80 اڳوڻين ڪالونين آزادي حاصل ڪئي آهي، هن چيو ته هاڻي به ڪجهه قومون آهن جيڪي خوداراديت واري حق کان محروم آهن، انهن ۾ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جو عوام شامل آهي. ان نقطئه نظر کان هن وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ ٻه رياستي حل جي وڪالت ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام خلاف نسل ڪشي جي جنگ ۽ لبنان خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستاني سفير چيو ته اسرائيل جي ق??ل عام ۽ ڏاڍ سان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي ختم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙي ريت غيرقانوني طور تي ڀارت جي ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي ق??ضو جديد دور جي ڪالونائيزيشن جو هڪ بدترين مظهر آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1948) 47 ۽ ان کان پوءِ ڪيل ٺهرائن ۾ واضح طور تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته گڏيل ق??من جي آزاداڻي ۽ منصفاڻي راءِ شماري جي انتظام هيٺ ڄمون ڪشمير جي حتمي اختيار جو فيصلو ان جي عوام ذريعي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته انهن ٺهرائن کي ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي ق??ول ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل ق??من جي چارٽر جي آرٽيڪل 25 تحت ٻئي ڌريون انهن ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرڻ جون پابند آه??. ه?? چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي ضم ڪرڻ لاءِ هڪ طرفا ۽ غيرقانوني ق??م کنيا آهن ۽ انهن قدمن کي ڀارتي اڳواڻن حتمي حل قرار ڏنو آهي. سفير منير اڪرم چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1957) 122 ۾ چيو ويو آهي ته پوري رياست يا ان جي ڪنهن به حصي جي مستقبل جي شڪل ۽ وابستگي جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ طرفا قدم رياست جو اختيار نه هوندا. هن چيو ته ان جي نتيجي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت رفان ڪيل سمورا هڪ طرفا قدم نه رڳو غيرقانوني آهن پر ڪالعدم به آه??. ه?? ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن لاءِ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل ضروري آهي.
ڪشمير تي ڀارتي قبضو ڪالونائيزيشن جو بدترين مظهر آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا