گڏيل قومون _ 18 آڪٽوبر (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو شديد غربت جي زندگي گذاري ر??يا آهن . جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ ٻار شامل آهن، جنگ سٽيل ملڪن ۾ غربت جي شرح ٽيڻ تي وڌيڪ آهي . ڊي ڊبليو گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي ) آڪسفورڊ پاورٽي اينڊ هيومن ڊويلمپنٽ انيسٽيٽوٽ (او پي ايڇ آئي ) سان گڏ تيار ڪيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته جنگ سٽيل ملڪن ۾ غربت جي شرح ٽيڻ تي وڌيڪ آهي ڇو ته ٻين عالمي جنگ بعد سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪرار 2023ع ۾ ڏسڻ ۾ آيو . يو اين ڊي پي ۾ انگن اکرن جي اعلى آ??يسر پنچون زانگ چيو آهي ته اها رپورٽ هڪ سنگين تصوير پيش ڪري ٿي. 1.1 بلين (هڪ ارب 10 ڪروڙ ) ماڻهن تمام گهڻي غربت جو شڪار آهن جن مان 455 ملين (45 ڪروڙ 50 لک ) تڪرار جي ماحول ۾ رهندا آهن. هن چيو ته تڪرار سبب متاثر ملڪن ۾ رهندڙ غريب ماڻهن لاءِ بنيادي ضرورت جي سلسلي ۾ جدوجهد وڌيڪ سخت ۽ مايوسي جوڳي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ??يو آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جا اٽڪل 584 ملين 58 ڪروڙ 40 لک ٻار انتهائي غربت کي منهن ڏئي ر??يا آهن. جيڪو سڄي دنيا جي ٻارن جو 27.9 سيڪڙو آهي. ان رپورٽ جي تياري ۾ مناسب رهائش، صفائي، بجلي، کاڌو پچائڻ، غذائيت ۽ اسڪول ۾ حاضري جي گهٽتائي جهڙا اشارا استعمال ڪيا ويندا آهن.
دنيا ۾ هڪ ارب 10 ڪروڙ ماڻهو شديد غربت واري زندگي گذراري رهيا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ