بيجنگ-11 نومبر (ا?? پي پي) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لي جيان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي. گذريل ڏينهن چيني ميڊيا مطابق ترجمان چيو ته چين دهشتگردي جي خاتمي جي ڪارروائين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان ??ي حمايت جاري رکندو ۽ پرڏيهه ۾ چيني شهرين جي سرگرمين ۽ ادارن جي سلامتي جي ثابت قدمي سان گڏ حفاظت ڪندو. چين پاڪستان ناتن کي خراب ڪرڻ واري سموري سا??شن ??ي ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم ۽ صلاحيت رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان ??دا بهار اسٽريجٽڪ سهڪار جا شراڪتدار آهن، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : راکی