تھران-28 نومبر (اي پي پي) ايران چيو ??ھي ته اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف آھن ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي نگراني ھيٺ ۽ ايٽمي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پرڏيھي خابرو اداري مط??بق ايران جي ايٽمي توانائي واري اداري جي سربراھه محمد اسلامي جاري بيان ۾ چيو آهي ته ايراني ايٽمي پروگرام ۽ ان جو مقصد واضح آھي، اھو شفاف ۽ پرامن آھي، اسان جون سموريون سرگرميون آءِ اي اي اي جي نگراني ۽ ايٽمي ھٿيارين جي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پروگرام جي دائري اندر يورينيم جي رچاءُ جي سطح کي وڌ کان وڌ 60 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي وضاحت ڪندي ھن چيو ته اسان وٽ مختلف ھدفن مط??بق افزودگي جون مختلف شرح آھن، اھم ڳالھه اھا ??ھي ته اسان ڪارڪردگي کي وڌائي سگھون ٿا. ھن چيو ته اعليٰ سطح تي يورينيم جي رچاءُ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ اقتصادي مشن کي حاصل ڪرڻ اسان جي منصوبي جو حصو آھي، اميد ??ھي ته ايران، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جا نائب پرڏيھي وزير ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ 29 نومبر تي سوئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ ملاقات ڪندا.
اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف ۽ آءِ اي اي اي جي نگراني ھيٺ ۽ اين پي ٽي جي دائري اندر آھن: ايران
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری