اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ گذريل حڪومتن کان ورثي ۾ ملندڙ توانائي جي بحران تي موثر انداز ۾ ضابطو آندو آهي، هر قسم جي صارفين جي لاءِ گئس جي لوڊشيڊنگ ماضي جو قصو آهي جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ به جلد ختم ٿي ويندي. هن اها ڳالهه پاڪستان آئل اينڊ گئس ڪانفرنس 2017ع جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم جيڪو ان کان اڳ چار سالن تائين پيٽروليم وارو وزير ب?? رهيو هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حل پيش ??ري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن