جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته اوورسيز پاڪستانين ۾ وڏي صلاحيت آهي ۽ اسان انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جده ۾ شاهه فيصل محل ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪست??ني برادري کي خط??ب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪست??ني واپارين، سيڙپڪارن، ڊاڪٽرز، ٽيچرز، تعليمي ماهرن، انجنيئرن، ڪانٽريڪٽرز ۽ بلڊرز ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي. حڪومت س??ورن ڪنسٽرڪشن ڪمپنين کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو ذريعي س??ول?? فراهم ڪندي. هن چ??و ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندس بدعنو??ني ۽ قبضي گروپن جي خلاف جنگ آهي. حڪومت اسلام آباد ۾ قبضن جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ هيستائين 300 ارب رپين جي زمين خالي ڪرائي وئي آهي. هن چ??و ته پاڪستان جاگرافيائي، تزويراتي پوزيشن هجڻ سبب ملڪ خوشحال ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن هڪ ڀيرو گورننس جو نظام بهتر ٿي ويو ۽ بدعنو??ني ۾ گهٽتائي اچي وئي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين راهه تي گامزن ٿي ويندو.
اسلام آباد ۾ 300 ارب رپين جي زمين قبضي کان خالي ڪرائي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔