سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وز??را??ظم جي قائداڻي صلاحيتن سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذ??را??ي ملي رهي آه??، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آه??، اسان کي پناهه جي بدلي ?? 70 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن معاهدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي ان معاهدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ٿيندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وز??را??ظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وز??را??ظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.
وزيراعظم جي بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ