اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيش?? کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي ترڪيءَ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آ??ي. صدر عا??ف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امت??از?? سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.
ترڪي صدر رجب طيب اردوان ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری