اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ري??ويز سياحت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ٽو??رسٽ سفاري ٽرين ان ڏس ۾ اهم قدم آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ري??وي واري وفاق?? وزير سينيٽر اعظم خان سواتي سان گڏ گولڙه ري??وي اسٽيشن تي سفاري ٽرين جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ٽو??رسٽ سفاري ٽرين هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سياحن کي گولڙه اسٽين کان حسن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ سٽي ۽ ڀرپاسي جي جاين جي سير ڪرائيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٽو??رسٽ سفاري ٽرين حڪومت پاران مقامي سياحت جي فروغ لاءِ اهم قدم آهي، سفاري ٽرين جو تصور سٺو آهي. تفريح ۽ سياحت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ري??وي وار?? وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته تاريخي گولڙه ري??وي اسٽيشن تان ٽرين قديم روٽ تي هلندي جنهن سان پاڪستان جو ثقاف??ي ۽ تاريخي ورثو ڏسڻ لاءِ ملندو. هن چيو ته پاڪستان ري??وي هڪ قيمتي اثاثو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ان ٽرين کي آندو ويندو. هن چيو ته ري??وي واري وفاق?? وزير محمد اعظم خان سواتي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سفاري ٽرين جي ڪري تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، سياحت جي فروغ ۾ پاڪستان ري??وي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان نه رڳو اداري کي منافعو ڏيندڙ بڻايو ويندو پر پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سينيٽر تاج محمد آفريدي، سينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، اورنگزيب اورڪزئي، نصيب الله بازئي، دلاور خان ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن کانسواءِ عوام جو وڏو انگ گولڙه ري??وي اسٽيشن تي موجود هو. سينيٽ چيئرمين، وفد جي ميمبرن ۽ ري??وي واري وفاق?? وزير سينيٽر اعظم خان سواتي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.
پاڪستان ريلويز سياحت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ