اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراع??م عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي مختلف ضلعن ۾ جاري سياحتي سرگرمين ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان کانسواءِ سياحت جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪي??. ه?? وزيراعظم کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصو??ن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني. وزيراع??م عمران خان سياحت جي فروغ جي اهميت تي زور ڏ??ند?? چيو ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته سياحت جي فروغ سان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿ??ند??ون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.
سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں