اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن ??ان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ مي??يا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏيل قومن کي مي??يا تي جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد روڪڻ جي لاءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جي سفير ڪرسٽوف ال ڪاسيس ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ويٽيڪن سٽي کي هڪ ٻئي جي ثقافتي ۽ مذ??بي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ رابطي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خبرون تيزي ??ان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومتون مرڪزي ڌارا جي ميديا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پاران سوشل مي??يا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بين المذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ويٽيڪن سٽي جي سفير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف مذهبن جي پيروڪارن جي وچ ۾ مذ??بي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته هولي سي (ويٽيڪن سٽي) پاڪستان ۾ مقامي چرچن ??ان تعاون چاهي ٿو.
ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری