لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي حوالي س??ن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊين ايڪسپريس“ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته فلپائن اها وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇو ته هو ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريدار?? جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، فلپائ?? جي صدر روڊريگوڊوٽرٽ?? جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ايس ڪمارن کي ان سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀارتي سفير فلپائ?? جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ا?? جي معلومات به فلپائ?? جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي س??زمين ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ ميزائل جي س??خت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ فلپائ?? جي پريشاني جو اهو ئي س??ب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي فلپائن ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريدار?? جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي اين پي او ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، فلپائن سان ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو انڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن ??نن??اسيٽر جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته فلپائن سان شروعاتي معاهدو گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مار?? جي رپورٽ ۾ سرڪاري ذريع?? جي حوالي س??ن ٻڌايو ويو ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي عهد?? جي برابر آفيسر ان معامل?? جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلط?? جي بنياد تي فائر ٿيو هو.
ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو: بي بي سي جي رپورٽ ۾ انڪشاف
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena