اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جي خلاف ظالماڻا قدم مذمت جوڳا آهن، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ل??ءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا رهندا??ين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلو 75 سالن کان حل نه ٿي سگهيو، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميرين تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان آخري دم تائين اها ڪوشش جاري رکندا??ين. هن چيو ته اسان جو اسلامي ۽ اخلاقي فرص بڻجي ٿو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ل??ءِ دنيا جي هر فورم تي نه رڳو آواز اٿاريون پر عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. خورشيد شاهه ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي، ان جي خاتمي ل??ءِ اسان کي انسانيت جي نالي تي عالمي برادري جي ضمير کي بيدار ڪرڻ ۽ تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن حل جي ل??ءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻو پوندو. هن چيو ته ڪشميرين جو موثر آواز بڻجڻ جي ل??ءِ اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙو طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا: وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena