اسلام آب??د-06 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ چي?? آهي ته پاڪس??ان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۽ استعداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ايشيا ترقياتي بينڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو وي?? آهي ته 2010ع ۽ 2015ع ۾ آيل ٻوڏ ملڪ ۾ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آبادگارن کي 32.6 ارب روپين جو نقصان پهچايو جڏهن ته متاثر آبادگارن جي مدد لاءِ حڪومت پاڪس??ان 6.7 ارب روپيه (67 ملين ڊالر) فراهم ڪيا، جيڪي گهربل رقم جو صرف 18.5 سيڪڙ?? آهي. رپورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جي مالي ۽ فني مهارت ۾ اضافو ۽ ان حوالي سان لاجسٽڪ ۽ دائريڪار ۾ توسيع جي ضرورت تي زور ڀريو وي?? آهي. 2010ع جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايڪٽ تحت نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو، هر صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ ڊزاسٽر مينيجمنٽ فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو وي?? آهي جنهن جو مقصد متاثر آبادي کي رهائش، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، طبي امداد ۽ ٻين خرچن کي پورو ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ مطابق فنڊز کي فعال ڪرڻ، مالياتي ط??يقيڪار جي بهتر نظام ۽ صوبن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ط??يقيڪار کي معياري بنائڻ اهميت رکي ٿو.
پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۾ اضافي جي ضرورت آهي: ايشيائي ترقياتي بينڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ