ڪراچي – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ف??ائيه طرفان خيبرپختونخوا، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد، ريليف ۽ بحالي جون سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن. پاڪ ف??ائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ ف??ائيه پنهنجن ميڊيڪل ڪيمپن ۽ موبائل ميڊيڪل ٽيمن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي ضروري خطي امداد فراهم ڪري رهي آهي. پاڪ ف??ائيه جون ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس پڻ ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ سرگرم آهن. پاڪ ف??ائيه جي اهلڪارن ٽرانسپورٽ فليٽ، هيليڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. پاڪ ف??ائيه جي اهلڪارن ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۾ خشڪ راشن، پچيل کاڌو، پائڻ جو صاف پاڻي ۽ عام واهپي جون ٻيون شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پ??ڪ ف??ائيه ضرورت مند خاندانن ۾ 18 هزار 20 پچيل کاڌي جا پيڪيٽ، 340 پاڻي جون بوتلون ۽ 560 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا. وڌيڪ اهو ته مفت خوراڪ ۽ رهائشي جي فراهمي کان علاوه پاڪ ف??ائيه جون ميديڪل ٽيمون 878 مريضن جو مفت طبي معائنو پڻ ڪيو.
پاڪ فضائيه طرفان ٻوڏ متاثرن جي طبي امداد جون سرگرميون جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج