گلگت – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان جاري خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀا??ت پنهنجي فوج ڪشمير موڪلي عالمي قانونن جي بدترين خلاف ورزيون ڪندي پنهنجو جبري قبضو قائم ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جي واديءَ تي 7 ڏهاڪن کان غيرقانوني ڀارتي قبضو آهي. اڄ جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق غضب ڪيا. هندوتوا نظريي جي پيروڪار مودي حڪومت مظلوم ڪشميري ڀ??نرن ڀائرن تي ظلم ج?? پهاڙ ٽوڙيا. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀ??نرن ڀائرن سان گڏ آهي. خطي ۾ مستقبل امن جي لاءِ عالمي برادري گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ پ??هنجو ڪردار ادا ڪن جيستائين مظلوم ڪشميري عوام ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي حاصل نه ٿا ڪن.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا