اسلام ??باد-21 مارچ (اي پي پي) اسلام ??باد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا اسلام ??باد، آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري ع??ائقي ۾ 180 ڪ??وميٽر ??هرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام ??باد ۾ زلزلي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام ??باد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ۽ اسپتال انتظاميه ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ل??ءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وفاقي وزير اين ڊي ايم اي سان به رابطي ۾ آهي.
اسلام آباد سميت ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ جاري
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر