اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ????يف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ جون م??ارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان م??ابق وزيراعظم شهباز ????يف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالاضحيٰ جون م??ارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي ??ذب?? جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون م??ارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز ????يف جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم شهباز ????يف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون م??ارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي ??ذب?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون م??ارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازش??يف جو ٿورو مڃيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون، عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔