اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي گورنر نگران وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي گورنر چيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ وفاق کي مضبوط ڪندي. وزيراعظم گلگت بلتستان جي گورنر جو نيڪ خواهشن تي ٿورو ادا ڪيو. گلگت بلتستان جي گورنر وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي دوري جي دعوت ۽ قانونساز اسيمبلي ۾ خطاب جي دعوت ڏني. گلگت بلتستان جي گورنر وزيراعظم کي گلگت ۾ جا??ي ترقياتي منصوبن بشمو?? انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۽ قراقرم يونيورسٽي تي اڳڀرائي کان آ??اهه ڪيو ۽ کيس افتتاح جي دعوت پڻ ڏني.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم