اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بين ا??مذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين ا??مذاهب هم آهنگي ڪا??فر??س منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۾ مو??ود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان مو??ب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ عبوري وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي جڙانوالا دوري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مو??ود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سزا کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين ا??مذاهب هم آهنگي ڪا??فر??س منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن کي گهرايو ويندو. ڪا??فر??س پاڪستان ۾ بين ا??مذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ ديئت جي رقم جيڪا 30 هزار 630 گرام چانديءَ جي برابر هوندي آهي کي 67 لک 57 هزار 902 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو.
وفاقي ڪابينا پاران بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک