نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻن??ي ڌرين سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ??هميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??رج??حي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ کي فروغ ملندو. ٻن??ي ڌرين علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ۽ بين العلائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار اداڪرڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به چيو ته علائقائي رابطن، واپار ۽ اقتصادي انضمام جو افغانستان تي به مستحڪم اثر پوندو. هن خطي جي ??ازي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ