اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني والاريل فلس??ين خاص طور تي غزه جي خراب صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جنگبندي جي فوري ضرورت، گهيراءُ ختم ڪرڻ، غزه جي ماڻهن کي طب?? سامان سميت بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلس??ين مسئلي جي منصفاڻي حل جي بنياد تي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي ٻيهر شروعات ??ي زور ڏن??. نگران پرڏيهي وزير 15 ڊسمبر تي ڏکڻ اوڀر ايران ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايراني سيڪيورٽي اهلڪار ماريا ويا هئا. هن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ??ي زور ڏن?? جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل پاڪستان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa