اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن ??ان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ??ان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي هڪ گروپ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران الجزائر ۽ سوڊان جي سفيرن ??ان گڏوگڏ بنگلاديش، برونائي، ملائيشيا، ماريشيس ۽ ڏکڻ آفريقا جا هاءِ ڪمشنرز پڻ موجود هئا جڏهن ته ايٿوپيا، انڊونيشيا، ڪينيا، نائجيريا، صوماليه، تيونس ۽ زمبابوي جا ناظم الامور پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزي??اع??م آفريقا ??ان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آفريقي ملڪن ??ان ٻطرفي ۽ علائقائي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزي??اع??م پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ گذريل سالن دوران بهترين سياسي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته چوٿين پاڪستان آفريقا واپاري ڪانفرنس مصر جي شهر قاهره ۾ 9 کان 11 جنوري 2024ع تائين جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي واپار واري نگران وفاقي وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو واپاري وفد ڪري رهيو آهي. هن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور تي برونائي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ??ان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ان??ن اهم ملڪن ??ان ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ آسيان ??ان پاڪستان جي مصروفيتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ انهن ??ان تعاون جو خواهشمند آهي. غزه ۾ جاري صورتحال جو ذڪر ڪندي نگران وزي??اع??م گڏيل قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزي??اع??م پاڪستان ۽ انهن جي لاڳاپيل ملڪن ??ان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن انهن ??ان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي نگران وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪندا رهندا.
نگران وزيراعظم سان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي گروپ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II