اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا?? گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال ۽ مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته گلگت بلتستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي ۾ترقي جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، خطي جي عوام تعليم يافته ۽ ڀرپور صلاحيتن جي مالڪ آهي جتي خواندگي جي شرح هڪ ??وش آئنده اشاريو آ??ي. ??در چيو ته گلگت بلتستان جي قدرتي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، مقامي زراعت ۽ پوکيءَ کي ڀرپور صلاحيت موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت آ??ي. ??ن موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت بلتستان جي مسئلن باب?? لاڳاپيل فورمز کي آگاهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا