اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ايڇ اي سي يونيورسٽي ۽ ڊگري پروگرامن مان پاڪستان اسٽڊيز سميت ڪنهن به خاص پروگرام کي خارج ناهي ڪيو، ايڇ اي سي اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته انڊر گريجوئيٽ پاليسين ۾ شامل سموريون شقون رڳو گهٽ ۾ گهٽ جي سطح تي تجويز ڪيون ويون آهن، خودمختيار يونيورسٽيون پنهنجي لاڳاپيل قانونن تحت ڪم ڪري رهيون آهن. ڪورسز ۽ ڊگري پروگرامن ۾ وڌيڪ پختگي جو اضافو ڪيو پيو وڃ??. ه?? چيو ته هايئر ايجوڪيشن پاران تازو ئي انڊر گريجوئيٽ تعليمي پاليسي ۾ ذڪر ٿيو آهي ان ۾ عمومي ڪورس جي هڪ سي?? جو تصور سمورن انڊر گريجوئيٽ پروگرامن جي لاءِ تجويز ڪيو ويو آه??. ه?? چيو ته ان پروگرام ۾ نظريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز تي هڪ ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي، شاگرد پاڪستان اسٽڊيز جي اڳوڻي علم جي بنياد تي ان ۾ وڌيڪ بهتري ڏ??ند?? ۽ انهن پروگرامن ۾ پاڪستان اسٽڊيز پاڪستان جي آئين جي موضوعن جو امتزاج آهي، ڄاڻايل ڪورس انهن پروگرامن جو متبادل نه آهي پر انهن ٻنهي پروگرامن ۾ پاڪستان اسٽڊيز ۽ نظريه پاڪستان جو امتزاج شامل آه??. ه?? چيو ته نظريه پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽڊيز بابت ايڇ اي سي لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪري رهي آهي ۽ انڊر گريجوئيٽ ايجوڪيشن (يو جي اي) پاليسي تحت پاڪستان اسٽڊيز جو ٻه ڪريڊٽ آور جو پروگرام تيار ڪيو ويندو.
ايڇ اي سي يونيورسٽي ۽ ڊگري پروگرامن مان پاڪستان اسٽڊيز سميت ڪنهن به خاص پروگرام کي خارج ناهي ڪيو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام