اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اس??يل ٽائون ۾ عالمن ۽ موذن کي اس??يل انتظاميا جي ??نڊز مان 4 مهينن جي رڪيل پگهار جي ادائيگي ٿي وئي آهي، فنڊز جي کوٽ جي ڪري اڳتي اس??يل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن کان وصولي ڪري پگهارن جي ادائيگي ڪئي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتصيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن ايوان کي ٻڌايو ته اس??يل ٽائون مسجد ڪميٽي 37 عالم ۽ موذن مقرر ڪيا هئا جن جي ??گهار پاڪستان اس??يل جي ??لازمن جي ??نڊز مان کڻي ڏني ويندي هئي پر 2021ع کان اس??يل ملز جي ??لازمن کي فارغ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ان جي ڪري ملازمن جو انگ 8600 مان گهٽ ٿي 3 هزار رهجي ??يو جنهن جي ڪري فنڊز به گهٽ ٿي ويا. هاڻي اس??يل مل جي ??لازمن کان جيڪي فنڊز گڏ ڪيا وڃن ٿا اهي هڪ لک 34 هزار رپيا آهن جن مان 37 عالمن ۽ موذن کي پگهار ڏيڻ ممڪن نه آهي، ان لاءِ 32 عالمن ۽ موذن جو ڪانٽريڪٽ نه وڌايو ويو. اس??يل مل انتظاميا اس??يل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن کان 250 رپيا في گهر وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيئن ئي اهي فنڊز گڏ ٿيندا، 32 عالمن ۽ موذنن کي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گذريل چار مهينن کان انهن جي رڪيل پگهار اس??يل مل انتظاميا پنهنجي ??نڊز مان ادا ڪري ڇڏي آهي.
اسٽيل ٽائون ۾ عالمن ۽ موذن کي اسٽيل انتظاميا جي فنڊز مان 4 مهينن جي رڪيل پگهار جي ادائيگي ٿي وئي آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی