اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ??هي ۽ اسان اهڙي مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم ??و ورجاءُ ڪريون ٿا جتي امن هجي ۽ انسانيت وڌي ويجهي. گڏيل قومن تحت امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جي امن دستن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي. امن دستن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن جا خصوصي طور تي ٿورن جو اظهار ڪري ٿو جن دنيا ۾ امن برقرار رکڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. وز??را??ظم چيو ته اسان جي بهادر عورتن سميت 2 لک 30 هزار فوجي اهلڪارن گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي 64 سالن ۾ قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي ۽ انهن ۾ اسان جا 181 شهيد پڻ شامل آهن جن عالمي امن جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان انهن کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. انهن جي بي لوث جرئت ۽ قرباني سدائين اسان جي دلين تي نقش رهندي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ??هي ۽ اڄ اسان هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم ??و ورجاءُ ڪريون ٿا جت امن ۽ انسانيت وڌي ويجهي.
پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن