اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان کي 2026 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊيو ويو آهي، پاڪستان کي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊن ۾ زبردست حمايت حاصل ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سمورن مي??بر?? جي پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ ۽ ان کي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊڻ تي ٿورائتا آهيون، ڪائونسل جي لاءِ پاڪستان جي بطور اميدوار توثيق ڪرڻ تي اسان ايشيا پيسفڪ گروپ جي مي??بر?? جا پڻ ٿورائتا آهيون. بيان موجب غيرمستقل ميمبر جي طور تي اٺون ڀيرو چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاءِ هڪ ڀرپور تجربي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ حصيداري جي ??ضب??ط ميراث کڻي آيو آهي جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اصولن سميت چارٽر سان دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ سان ٿئي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي ايندڙ مدي ۾ حل طلب ۽ جاري تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم رهندو ۽ هو هڪطرفي ۽ غيرقانوني طاقت جي استعمال يا طاقت جي استعمال جي ڌمڪي جا حربا، هر قسم جي دهشتگردي جي مقابلي، گڏيل قومن جي موثر امن قائم ڪرڻ جي حمايت، امن ل??ڳو ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت سميت علائقائي ۽ عالمي بحرانن جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻين مي??بر?? ۽ گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ ۽ جنگ جي روڪٿام ۽ امن کي فروغ ??يڻ جي ويزن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي وسيع تر ميمبرشپ سان عالمي خوشحالي کي فروغ ??يڻ ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ??يڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.
پاڪستان 2026 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجي ويو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر