اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سنگل ون??و ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي شهري سهولتن جي فرا??مي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ون??و ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان سنگل ون??و ڪمپني بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئ??. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ون??و ڪمپني جو موجود هجڻ خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئ?? ته پاڪستان سنگل ون??و ڪمپني جو دائرو وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته عوام کي شهري سهولتن جي فرا??مي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ون??و ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين جو سنگل ونڊو جو نظام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اجلاس کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان سنگل ونڊو پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سنگل ونڊو جي ذريعي ملڪ جو 65 سيڪڙو واپار فائدو کڻي رهيو آهي، 11 حڪومتي ادارا ۽ 29 بئنڪون پاڪستان سنگل ونڊو سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان سنگل ون??و ڪمپني جي گڏيل قومن جي ڊيجيٽل ۽ سسٽين ايبل ٽريڊ فيسيلي ٽيشن سروي 2022ع گلوبل سروي ۾ درجابندي خطي جي ملڪن ۾ بهترين رهي.
وزيراعظم پاران پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ