لنڊن – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار پاڪ برطانيا حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۾ 1.7 ملين برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار لارڊ چانسلر ۽ برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار جسٽس ??با??ه محمود سان ڳالهائيندي ڪيو. ??با??ه محمود ان عهدي تي مقرر ٿيندڙ پهرين مسلمان عورت آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار لارڊ چانس??ر شبانه محمود کي سندس تاريخي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس ڪاميابي سمورن مسلمانن خاص طور تي پاڪستانين جي لاءِ فخر جوڳي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هو لارڊ چانسلر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خصوصي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. هن لارڊ چانسلر کي گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. لارڊ چانس??ر شبانه محمود مبارڪباد واري پيغام تي نائب وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته متحرڪ پاڪستاني برطانوي ڪميونٽي ??نهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق جي لارڊ چانسلر ۽ برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار جسٽس شبانه محمود سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات