اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم اجلاس ۾ اي سي او چارٽر جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ اي سي او خطي ۾ وڌ کان ??ڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خطاب ۾ اي سي او خطي جي اقتصادي ص??اح??ت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار ??ي آسان ب??ائ?? ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ ص??اح??ت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نائب وزيراعظم اي سي او ڪلين انرجي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ اي سي او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ڊسمبر تي ايران جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری