لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته ملڪي تعمير ۽ ترقي ??اء?? اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي،
پاڪستان ۾ ا??ليتن جي تحفظ کي بنيادي حق حاصل آهن، مسيحي ب??ادري جي
خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي تڪ ۾ ڪرسمس جي حوالي
سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ملڪي تعمير ۽ ترقي ??اء??
اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ ا??ليتن کي تحفظ ۽ سمورا
بنيادي حق حاصل آهن. مسلم لي?? (ن) جي حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ
??اء?? سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. مسيحي اسان جا ڀائر آهن انهن جي
خوشي اسان جي خوشي آهي، اسان ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ
آهيون، هن چيو ته گڏجي پورو هفتو مسيحي ڀائرن سان ڪرسمس جون خوشيون
ملهائينداسين، گرجاگهرن تي خصوصي طور روشنين جو بندوبست ڪيو ويندو.
هن چيو ته مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار م??يحي ب??ادري جا ووٽ کڻي
اسيمبلي پهتو آهيان، مون کي ووٽ ڏئي اوهان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار
ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. مسيحي ڀائرن سان ڪيل واعدا
ياد آهن، جلد ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي ويندي. وفاقي وزير م??يحي
برادري جي علائقن ۾ گرجا گهرن جي تعمير، مرمت ۽ رنگ روغن جي خاطري
ڪرائي. بعد ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي
برادري کي مبارڪون ڏنيون.
ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر