اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??سر??ئيل ج?? لبنان جي خلاف فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪند?? لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏي??هن لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ لبنان جي لاءِ جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪ??ي ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ پڻ اهڙي طرح جي معاهدي جي ضرورت تي زور ڏنو. لبنان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻي ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم هن مشڪل وقت ۾ لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي، ان جذبي تحت پاڪستان لبنان ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪ??ي ۽ مستقبل ۾ پڻ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن شام جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيروت جي رستي شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي فوري انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ نجيب ميقاتي جي ذاتي مداخلت ۽ مدد جي درخواست ڪئي. لبناني وزيراعظم ميقاتي ??سر??ئيل جي فوجي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي اصولي موقف تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوشي تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن جو هڪ مثال آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يقين ڏياريو ته لبنان شام مان پاڪستانين جي انخلا ۾ هر ممڪن مدد ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شام ۽ لبنان ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان پڻ رابطو ڪيو ۽ ا??هن کي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو لبناني وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ٽيليفونڪ رابطو، لبنان جي خودمختياري ۽ سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔