اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري سوار محمد ??سين شهيد (نشان حيدر) کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در آصف علي زرداري سوار محمد ??سين شهيد کي ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سوار محمد ??سين شهيد 1971ع جي جنگ دوران بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو. ??در چيو ته سوار محمد ??سين شهيد بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو، پوري قوم کيس بي مثال بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي تي سلام پيش ڪري ٿي. ??در چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين جي معترف آهي ۽ اها انهن کي ڪڏهن به نه وساريندي. ??در آصف علي زرداري سوار محمد ??سين شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا